ٺٽوي ابراهيم قاضي

ٺٽوي، ابراهيم قاضي: ابراهيم قاضي ٺٽوي، شاھجھان دور جو مشھور عالم، فاضل، شاعر ۽ مصنف ٿي گذريو آهي. هي پنھنجي قابليت جي ڪري شاھجھان جي درٻار ۾ وڏي مرتبي کي پهتو ۽ شاھه جھان آباد (دهلي ) جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ٺٽي جو امين الملڪ مقرر ٿي پنھنجي وطن ڏانهن واپس آيو. چيو وڃي ٿو تہ پنھنجي اچڻ کان اڳ ۾ ٺٽي ۾ ڏيڍ لک رپيا خرچ ڪري رهڻ لاءِ محل تيار ڪرايو هئائين. جڏهن هن ۾ داخل ٿي جاءِ جو معائنو ڪيائين، تڏهن کيس محل بلڪل ناپسند آيو ۽ چيائين تہ ڪاريگرن کي اها ڄاڻ ڪانہ هئي ڇا تہ ڪير اچي هن محل ۾ رهندو؟ هي محل تہ منهنجي موريز کان چڱو نہ آهي! جنهنڪري انهيءَ جاءِ کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيائين. انهيءَ محل جا دڙا ٺٽي ۾ اڃا تائين موجود آهن. انهي واقعي مان قاضي صاحب جي طبيعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ٺٽي ۾ هو جيڪو بہ وقت رهيو، سو نهايت عزت سان رهيو، ٺٽي جو حاڪم( گورنر ) هفتي ۾ هڪ ڏينهن سندس بنگلي ۾ اچي عام ڪچهري ڪندو هو ۽ پاڻ بہ ڪڏهن گورنر وٽ ويندو هو. سندس تصنيفن ۾:(1) شره مخزن الاسرار، (2) جلاء الاذهان في تفسير القرآن ۽ (3) لطائف الاخبار في سيرة النبي المختار آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو