ٺٽوي، امام بخش شاھہ ”فدوي“: سيد امام بخش شاھہ جو تخلص ”فدوي“ هو، پاڻ رضوي ۽ مهدوي هو. هو ٺٽي جي قديم رهاڪن ۽ مڪليءَ جي مشھور اولياء سيد محمد يوسف جي خاندان مان هو. مير غلام مرتضيٰ شاھہ ”مرتضائي“ سندس ويجهن عزيزن ۽ شاگردن مان هو، اهو ”فدوي“ جي صحبت جو اثر هو جو مرتضائي سنڌيءَ ۾ شعر چوندو هو. زمان شاھہ ”ساقي“ جو والد مير ميرزا شاھہ بہ سندس عزيز هو. فدوي جوانيءَ ۾ تپيدار هو ۽ جهرڪ، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاڙي وغيرہ ۾ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ رهيو هو، 1859ع ۾ نوڪري ڇڏي پنھنجي زمين سنڀالڻ لڳو. هن جي هڪڙي ٻني جي ٽڪر ۾ ڪي ٻيا ڀائيوار بہ هئا، جي سندس زمين کايو پئي ويا. فيصلو ان وقت جي ڪاردار کيمچند وٽ ويو، جوکين جو چڱو مڙس ڄام مھر علي ٻيءَ ڌر جي پاسي هو، پر کيمچند فيصلو فدويءَ جي حق ۾ ڪيو.
مشھور شاعر غلام محمد شاھہ ”گدا“ سان ڀائپي هئس، هو جڏهن بہ حيدرآباد ويندو هو تہ ’گدا‘ جو مهمان ٿيندو هو. فدويءَ جي ديوان ۾ ٻہ ٽي منظوم خط گدا ڏانهن لکيل آهن.
مير حسن علي خان ”حسن“، مير عبدالحسين سانگيءَ ۽ مير ﷲ بخش شهداداڻيءَ سان بہ فدويءَ جو نيازمنديءَ جو رستو هو. سندس ديوان ۾ ٽنهي جي مدح ۽ قصيدا ملن ٿا. فدويءَ جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ جو پتو نٿو پوي، سندس ديوان ۾ 1303ھہ/1895ع تائين قطع تاريخون ملن ٿيون، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن جي وفات 1303ھہ/1895ع کان پوءِ ٿي آهي. فدوي پنهجي دور جو نہ صرف پارکو شاعر هو پر پنھنجي دور ۾ سنڌيءَ جي اهم شاعرن مان هو. مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ هن لاءِ لکي ٿو، ”طبع روان هئس، پر گهڻو سنڌي ڪلام ڏانهن مائل هو ۽ سنڌيءَ ۾ مرثين ۽ مناقبن ۾ گهڻو ڪلام اٿس. ڪڏهن ڪڏهن پارسيءَ ۾ بہ شعر چوندو هو.“ فدوي ٺٽي جو پهريون شاعر آهي جنهن سوچي سمجهي، شعوري طرح سنڌي شاعريءَ ڏانهن وک وڌائي.