ٺٽوي، حسين شاهه مراد شيرازي: سيد حسين پٽ احمد پٽ سيد محمد شيرازي ٺٽوي وقت جو ولي ڪامل، عالم ۽ عامل هو. سندس ڏاڏو سيد محمد شيراز مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو. سيد حسين، ٺٽي ۾ 12 ربيع الاول 831هه/ 1427ع ۾ ڄام فتح خان سمي جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. چئن سالن جي ڄمار ۾ سندس والد کيس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، هو ذهين شخص هو، ظاهري ۽ باطني علمن جو ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي حصول ٿيس. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ جامع مسجد ٺٽي جي منبر تي قرآن ۽ حديث شريف مان وعظ ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سيد حسين جي ولادت کان اڳ ۾ شيخ عيسيٰ ساموئي ۽ ٻين ڪيترن ڪاملن هن لاءِ پيشنگوئيون ڪيون هيون. جن جي بنياد تي ٺٽي جي مشهور عالم قاضي نعمت الله عباسيءَ پنهنجي نياڻي سيد احمد کي پرڻائي ڏني هئي. سندس مجلس ۾ هميشه تفسير ۽ حديث جو ذڪر رهندو هو. سنت جو ايڏو تابع هو، جو حضور جن جي پيرويءَ ۾ محلي واري مسجد ۾ هڪ صفو ٺهرايائين، جتي الله جي طالب مسڪينن جي هڪ ٽولي رهندي هئي، جن کي ’اصحاب صفه‘ سڏيو ويندو هو ۽ سندن نگراني ۽ پرداخت سندس وڏي ڀاءُ سيد عليءَ جي حوالي هوندي هئي. نماز تهجد هڪ سؤ رڪعتون ادا ڪندو هو. سندس جوانيءَ جو عروج ڄام نظام الدين سمي سنڌ جي عادل حاڪم جو زمانو هو. سندس عقيدتمندن ۾ هڪ روايت مشهور آهي ته هڪ دفعي برسات نه پوڻ ڪري ڏڪار جو سخت انديشو ٿي پيو. سيد صاحب کي ڄام نظام الدين دعا لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ شهر کان ٻاهر نڪري دعا گھريائون ته زبردست برسات شروع ٿي وئي.
سندس صحبت ۽ فيض مان سوين فقير ۽ خليفا ڪشف ڪرامت جا مالڪ ٿيا. سنڌ جي عادل بادشاهه ڄام نظام الدين سمي سندس مريد ٿيڻ چاهيو، ته کيس چيائين:”دولتمندن سان اسان درويشن جو ڪهڙو واسطو؟ تون ملڪ جو گشت ڪري مظلومن جي فرياد ٻڌ ۽ مخلوق خدا سان انصاف ۽ عدل ڪري الله کي راضي رک.“ پهرئين ربيع الاول 893هه مطابق 1487ع ۾ سومر ڏينهن ظهر جي وقت هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پويان 3 فرزند ڇڏيائين. (1) سيد منصور، (2) سيد نعمت الله ۽ (3) سيد حماد. سيد منصور گاديءَ تي ويٺو. هن شيرازي خاندان جا سادات هن وقت ٺٽي ۾ موجود آهن.