ٺٽوي سيد احمد

ٺٽوي، سيد احمد: سيد احمد ٺٽوي جو پيءُ سيد محمد انجوي شيرازي 786ھہ/1384ع ۾ سنڌ پهتو، ان وقت ڄام صلاح الدين سمي جي سنڌ ۾ حڪومت هئي، هي بزرگ منڇر جي ڪناري مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، ان کانپوءِ هن جي پٽ سيد احمد ٺٽوي ماڻهن جي ڪشش سبب اها جاءِ ڇڏي ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ قاضي نعمت عباسيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. هن کي چار پٽ ٿيا جن مان سيد محمد حسين عرف شاھہ مراد شيرازي تمام گهڻو نامور ٿيو. سيد احمد ٺٽوي هڪ لوڪ بزرگ هو ۽ وارن جي صحبت ۾ هوندو هو. ٺٽي جي ويجهو ساموئي شھر ۾ هڪ بزرگ شيخ عيسٰي لنگوٽي رهندو هو. سيد احمد ان سان ملاقات لاءِ ويندو رهندو هو. هڪ دفعو سيد احمد، شيخ عيسٰي سان ملاقات لاءِ ويو تہ ان وقت شيخ وٽ شھر جو مشھور عالم قاضي نعمت عباسي ويٺو هو. شيخ صاحب، سيد احمد جي تعظيم واسطي اٿيو پر قاضي صاحب نہ اٿيو. اها ڳالھہ سيد احمد کي ناگوار لڳي ۽ رنجيدہ ٿي گهر هليو ويو. قاضي نعمت جڏهن پنھنجي گهر پهتو تہ نظر کان محروم ٿي ويو. ان بابت قاضي جي ڌيءَ کي خواب ذريعي سيد احمد خان جي ناراضپي جي خبر پئي، جنهن کانپوءِ قاضي نعمت پنھنجي ڌيءَ جي شادي سيد احمد سان ڪري خوشنودي حاصل ڪئي. سيد احمد کي چار پٽ ٿيا. (1) سيد علي ٺٽوي، (2) سيد جعفر ٺٽوي، (3) سيد محمد شريف ٺٽوي ۽ (4) سيد محمد حسين عرف شاھہ مراد شيرازي ٺٽوي. ٺٽي جا شيرازي سادات شاھہ مراد شيرازي ٺٽوي جي اولاد آهن. سيد احمد ٺٽوي 1 محرم الحرام 845 ھہ/22 مئي 1441ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جو مقبرو مڪلي تي عباسي قاضين جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو