ٺٽوي ، غلام مرتضيٰ شاھہ ” مرتضائي “ ( 1853ع-1905ع ):مير غلام مرتضيٰ شاھہ ولد سيد روشن شاھہ مهدوي رضوي تخلص ” مرتضائي “ ، پنھنجي دور جي بزرگ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو . سندس خاندان ۾ ڪيترائي نامور شاعر ۽ بلند مرتبہ شخصيتون ٿي گذريون آهن ، جھڙوڪ ( 1 ) نواب مير لطف علي خان ” همت “ ، جيڪو مغلن جي طرفان ٺٽي جو نواب هو ، ( 2 ) نواب مير ڪمال الدين احمد خان صاحب ، ( 3 ) ” اصلاحات رضويه “ ۽ شرح ديوان حافظ ، مير غلام مرتضيٰ ” الھام “ ، ( 4 ) مير نجم الدين ” عزلت “ پارسيءَ جو مشھور شاعر ۽ صاحبِ ديوان ، مير پٺو سنڌي ۽ پارسي جو شاعر هو ، ( 5 ) سيد موٽيل شاھہ ” ڪمتر “ پارسيءَ ، اردو ۽ سنڌيءَ جو شاعر هو ، ( 6 ) مير سيد روشن علي شاھہ ” روشن “ مرتضائيءَ جو والد پارسيءَ جو شاعر هو . مرتضائيءَ جا وڏا خراسان مان لڏي اچي بکر ۾ رهيا هئا ، تنهنڪري هي بکري سيد بہ سڏبا آهن . هن خاندان جو سيد محمد يوسف شاھہ خدا رسيدھہ بزرگ هو ، جيڪو مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ اچي ٺٽي ۾ مڪليءَ تي رهيو هو . شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري سندس صحبت مان فيض حاصل ڪيو . سيد محمد يوسف جو ناٺي سيد اسحاق شاھہ جي پير ” پيرڏيهي “ جي نالي سان مشھور هو ، اهو بہ هڪ وڏو درويش ٿي گذريو آهي . ان جي ستين پيڙهيءَ مان سيد ذوالفقار علي شاھہ هو ، ميرن جي دور ۾ نائب وزير هو . انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ دوستيءَ جو جيڪو عهدنامو ٿيو هو تنهن تي سنڌ جي حڪومت پاران نائب وزير جي حيثيت ۾ هن ئي دستخط ڪيا هئا .
سيد ذوالفقار علي شاھہ ، مرتضائيءَ جو ڏاڏو هو . مرتضائيءَ جو والد انگريزن جي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ پهريان ڪراچيءَ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پوءِ ڪليڪٽرجي آفيس ۾ منشي هو ۽ پوءِ مختيارڪار ٿيو . هو پارسيءَ جو سٺو شاعر هو . پهريان ” روشن “ تخلص ، پوءِ ” رضوي “ تخلص اختيار ڪيائين . مرتضائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم امام بخش شاھہ ” فدوي “ ۽ قاضي علي محمد تخلص ” فقير “ کان حاصل ڪئي ، جيڪو مخدوم ابراهيم ” خليل “ جو شاگرد ۽ مريد هو . فدوي مرتضائيءَ جو عزيز ۽ سندس والد جو گهرو دوست هو . فدويءَ جي ديوان ۾ مرتضائي ۽ سندس والد روشن علي شاھہ جي تعريف ۾ ڪيترا غزل ملن ٿا . مرتضائي شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد بہ فدويءَ کي ورتو هو . جيڪو پارسي ۽ خاص طرح سنڌي غزل جو وڏو شاعر هو . سمجهہ ۾ ائين ٿو اچي تہ اهو ” فدوي “ جي صحبت جو اثر ئي هو ، جو مرتضائيءَ جو چاھہ پارسيءَ بدران سنڌي غزل سان ٿيو . هن پنھنجي استاد جي ڪيترن غزلن جي تضمين تي غزل پڻ لکيا آهن .
مرتضائيءَ ٻہ شاديون ڪيون هيون ، پهرئين گهر مان کيس سيد حسين بخش نالي فرزند ڄائو . پهرين گهر واريءَ جي وفات کان پوءِ هن ٻي شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻيو فرزند روشن علي نالي پيدا ٿيو .
مرتضائي جي وفات جي صحيح تاريخ معلوم نہ ٿي ٿئي ، سمجهجي ٿو تہ هن 1905ع ڌاري وفات ڪئي ۽ کيس مڪلي ٽڪريءَ تي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو . مرتضائي جي تصنيفات ۾ ( 1 ) مثنوي يوسف زليخا ( ڇپيل هريسنگ پريس سکر ) ، ( 2 ) سڪندر نامو ( ڇپيل هريسنگ پريس سکر ) ، ( 3 ) شاھہ نامہ فردوسي جي ڪن حصن جو ترجمو ، ( 4 ) طوطي نامو ، ( 5 ) ڪريما نيچري ، ( 6 ) ديوان مرتضائي ، ( 7 ) فارسي ڪتاب نورالهديٰ جو ترجمو ۽ ( 8 ) مرثيہ مشھور آهن . سندس ديوان تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري پاران 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي .
1853.00.00 عيسوي
ميرغلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد روشن شاهه مهدوي رضوي 1853ع ۾ ڄائو
1905.00.00 عيسوي
ميرغلام مرتضيٰ شاهه 1905ع ڌاري وفات ڪئي