ٺٽوي ميين موسىٰ مداح وارو قلمي نسخو

ٺٽوي، ميين موسىٰ مداح وارو قلمي نسخو: هي رسالو ميين عبدالڪريم طبيب ٺٽوي جي ڪتابن ۾ هو، پر اصل ۾ هنن طبيبن جي وڏي ڏاڏي ميين موسيٰ مداح جو هو، جنهن مولود ۽ مداحون چيون. هن پاڻ کي پنھنجي هڪ بياض ۾، پنھنجي هٿ اکرين ”گل مصعفري“ (کهنباٽي) ڪري لکيو آهي. اڳين ڪاغذن ۾ سندس دستخط ”سنہ 1231ھہ بمطابق 1815ع“ نظر آيو جنهن وقت هو زندہ هو. ٻين ڪاغذن ۾ سندس وفات جي تاريخ هن طرح قلمبند ٿيل ملي: ”تاريخ وفات ميان موسو مداح روز چهار شنبه وقت طلوع آفتاب ماه ربيع الاول سنہ 1267 بمطابق 1850ع“، جنهن جي معنيٰ تہ هيءُ رسالو ان کان اڳ جو لکيل هو. البت جن پنن تي لکيو ويو انهن ۾ ننڍي بيضوي ”واٽر مارڪ“ مھر ۾ سنہ 1841ع لڳل آهي، جنهن مان ظاهر آهي تہ هي نسخو 1841ع (1257ھہ) کان پوءِ لکيو ويو. وفات جي تاريخ ۽ هن مھر واري سال جي مدنظر اهو يقيني طور چئي سگهجي ٿو تہ هيءُ رسالو 1257-1267ھہ بمطابق 1841ع- 1850ع وارن سالن ۾ لکيو ويو. ڪاتب جو نالو ڏنل ڪونهي. هن ۾ سرودن يعني سرن جو جملي تعداد 31 آهي. پهريون سر، ”سرود ڪلياڻ ۽ جمن“ جي عنوان سان يڪو گڏي لکيل آهي. سسئيءَ کي پنجن سرن جي بدران يڪي عنوان ”سر سسئي“ هيٺ لکيو ويو آهي. ترتيب جي لحاظ سان، هن نسخي جي سٽاء ”سر ڪلياڻ“ سان شروع ٿيندڙ ”رسالن“ واري سٽاء کان الڳ آهي ڇاڪاڻ جو هڪ تہ سر فصلن يا داستانن ۾ ورڇيل ناهن ۽ ٻيو تہ هر سر جي پڇاڙيءَ ۾ آيل وائي کي ”ڪافي“ لکيو ويو آهي. هن مڪمل نسخي ۾ 2516 بيت ۽ 92 وايون شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو