ٺٽوي، نيازي: نيازي ٺٽوي اصل بخارا جي سيدن مان هو. پر سفر ڪندي اچي ٺٽي شھر رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. نيازي معمه نويسي، علم عروض ۽ شعر و شاعري ۾ وڏو ماهر ۽ قابل هو سندس ڪلام ۾ گهڻو ڪري هجو ۽ واسوخت ملن ٿا. شاعريءَ ۾ سندس همسري ڪرڻ وارو ڪو نہ هو انهيءَ ڪري پنھنجي هڪ غزل جي مقطع ۾ هيئن چئي ڏنائين.
تا نيازي شُد دَر مُلڪِ سُخن خُسرَوِ عھد
نامِ جامي شُد مَنسُوخ کُنون نامِ من اَست.
] جڏهن کان شعر و شاعري جو بادشاھہ آءُ (نيازي) ٿيو آهيان، تڏهن کان جاميءَ جو نالو منسوخ ٿي چڪو آهي ۽ فقط منهنجو نالو باقي آهي.[
هن شعر جي ڪري بخارا وارا ماڻهو تمام سخت ناراض ٿيا ۽ انهن هن جي ۽ هن جي دنيوي مرشد جي شان ۾ گستاخي ڪئي، جنهن بعد بخارا مان هرات آيو ۽ اتي مشھور مغني شاھہ محمد شرنائي جي صحبت ۾ رهڻ لڳو پر ان سان بہ نہ ٺهيو ۽ سڌو بلخ پهتو، بلخ وارن سان ڦٽائڻ کانپوءِ ڪولاب پهتو، جتي تمام ڪريل حرڪت ڪرڻ بعد تمام گهڻو بدنام ٿي پيو ۽ اتان فرار ٿي سنڌ ۾ اچي پناھہ ورتائين ۽ ترخانن جي درٻار سان وابستہ ٿي ويو ۽ پنھنجي علمي لياقت سان عهدا ماڻيندو ويو. تان جو اڪبر بادشاھہ تائين سندس تعريف ٿيڻ لڳي جنهن کانپوءِ اڪبر ٺٽي ۾ قاصد هٿان نيازيءَ کي سڏائڻ جو فرمان جاري ڪيو، پر فرمان پهچڻ کان پهرين ئي نيازي ٺٽوي گذاري ويو ۽ ٺٽي ۾ ئي دفن ٿيو. هي واقعو ڏهين صدي هجريءَ جو آهي.