ٺٽيار: جتن جي هڪ مشھور ذات، جن جو گذر سفر اڪثر ڪري ٻڪرين پالڻ تي آهي. هي ٻين جتن وانگر گهڻو ڪري اُٺ ڪو نہ پالين، البته گهريلو عورتون واڻ وٽين ۽ پِيش جو ڪم ڪن ٿيون. هي ڪڇ ۽ لاڙ ۾ اڪثريت ۾ آهن. ڪجهہ ملاح بہ پاڻ کي ”ٺٽيار“ سڏائيندا آهن. ٺٽ جيئن تہ ملاحن سان منسوب آهي، ان ڪري اهي ”ٺٽيار“ سڏجن ٿا. ڪي ميمڻ بہ ’ٺٽيار‘ چوائيندا آهن جيڪي ٺٽي شھر جي محلي ’ٺٽيءَ‘ جا رهندڙ هئا ۽ پوءِ واپار سانگي لڏي ڪراچي شھر ۽ ڪڇ ڪاٺياواڙ طرف وڃي آباد ٿيا.