ٺٽي2

ٽيي2: ٺٽي نالي سان آمريءَ جي ڀرسان وڏي آبادي جو ڳوٺ. آمريءَ کان ¾ ميل اتر اولھہ ۾ موجود آهي. هتي جي پراڻين قبرن ۽ دڙن مان پتو پوي ٿو تہ اتي ڪنهن وقت ۾ ڪو وڏو شھر آباد هو ۽ اهو سن پرڳڻي ۾ شامل هو. هي ڳوٺ چون ٿا تہ ٺٽي کان آيل سيدن اچي آباد ڪيو هو. دادو شھر جي بُٺ محلي ۾ رهندڙ ٺٽيارن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اصل آمريءَ وارا انهيءَ ٺٽيءَ جا ويٺل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو