
ٺپو
ٺپو: ڪاٺيءَ، ڌاتوءَ يا رٻڙ مان ٺهيل پورُ، جنهن تي خاص نالي يا نشان وارو ڇاپو اُڪريل هوندو آهي. ڇاپو اندر ويٺل بہ ٺاهيو ويندو آهي تہ ٻاهر اُڀريل بہ هوندو آهي. عام طرح آفيسن ۾ استعمال وارو ٺپو رٻڙ جي اُڀريل اکرن وارو هوندو آهي. اندر ويٺل اکرن وارو ٺپو خاص فرمان يا رقم جي ادائگيءَ واريءَ تحرير تي لڳندو آهي.
ٺپي کي مُهر يا پُور بہ چوندا آهن. زميندار پنھنجي کري جي سنڀال لاءِ، سنگن (ول)، يا اَنَ جي راھہ تي ڪاٺيءَ مان ٺهيل، اندر ويٺل ٺپو ڪم آڻيندا آهن.