ٺپي ڍوري

ٺپي ڍوري: تعلقي قنبر جي ديھہ ڪوهستان ڪڪر لڪ جي ڀرسان ڏکڻ ۾ وهي ٿي. هتي ڪهوءَ جا وڻ گهڻا ٿين ٿا. ڪنهن زماني ۾ ڍوريءَ جي ڀرسان ڪهوءَ جي هڪ وڻ هيٺان ڪنهن ماڻهوءَ کي زخمي ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڍوريءَ تي ”ٺپي“ نالو پيو. جابلو ٻوليءَ ۾ ”ٺپي“ زخميءَ کي چون ٿا. هن جي اولھہ ۾ ٽاڪرو ۽ ڪجهہ پوٺا علائقا آهن، جتي وسڪاري جي موسم ۾ چڱي آبادي ٿئي ٿي. پري کان خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو