ٺڪاڻ

ٺڪاڻ: هي جانورن ۾ ٿيندڙ بيماريءَ جو قسم آهي. هن کي ”ٻرڪي“ يا ”ڪارو واءُ“ بہ چون. هي بيماري گهڻو ڪري رڍن يا ٻڪرين ۾ ٿيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڳائي ۽ ماهيي مال ۾ بہ پوندي آهي. هن بيماريءَ ۾ جانورن کي 105 کان 107 فارن هائيٽ تيز بخار ٿيندو آهي ۽ جانورن جي سمورن قدرتي سوراخن سان ڪاراڻ مائل رت وهندو آهي، جيڪو ڄمندو نہ آهي. هن بيماريءَ ۾ اڪثر جانور مري ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو