ٺڪراٺو
قديم ٺڪر جا ٿانوَ
ڪر سازي (Pottery ):ثقافتي ترقي واري دور ۾ هڪ وقت هو جڏهين اڃا ڪاٺ، پٿر، هڏو وغيره ته مختلف شين ٺاهڻ لاءِ استعمال پئي ٿيو پر اڃا اهڙي ٻي ڪا سامگري ڪا نه هئي، جنهن مان کاڌي پيتي، رڌ پچاءُ يا چيزدان وغيره ٺاهي سگهجن. نئين پٿر جي دور ۾ جڏهن انسان ٺڪر ايجاد ڪيو تڏهين اهو مسئلو نهايت آسانيءَ سان حل ٿي ويو. نئين پٿر جو دور، دنيا جي مختلف خطن ۾ ساڳي وقت شروع نه ٿيو آهي، ان ڪري ٺڪر جو استعمال به هر هنڌ ساڳي وقت نه ٿيو آهي. پٿر، ڪاٺ، هڏي وغيره مان ٿانوَ وغيره ٺاهڻ مشڪل ڪم هو. انڪري ٺڪر جي اهميت ۽ رواج عام ٿي ويو. ٺڪر جي عام ۽ اهم ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا. ٺڪر واري مٽي مڙڻي ٿئي. انڪري ان کي ڪا به صورت سولائي سان ڏئي سگهجي ٿي. هن تي محنت وڌيڪ پر لاڳت گهٽ اچي ٿي. گهڻن مادن کان وزن ۾ هلڪو ٿئي ٿو. هن کي ڪٽ يا زنگ نه ٿو لڳي. مٽيءَ ۾ پورجي وڃــڻ ڪــري جــلدي کــاڄي نــٿو. انــڪري قــديم آثــارن جون کوٽايون ڪندڙ ٺڪر کي قديم آثآرن جو پٺيءَ جو ڪنڊو چوندا آهن. هن وقت ٺڪر جي ٿانون جو استعمال نه جي برابر وڃي رهيو آهي. بهرحال، چيو ويو آهي ته ٺڪرسازي جي پهرين ڪوشش قبرص ۾ ٿي. پر اها ڪامياب نه ٿي. ان ناڪاميابي جي ڪري اتي شايد وري اهڙي ڪوشش به نه ڪئي وئي. نئين پٿر جي دور ۾ ۽ هيل تائين جي تحقيق موجب ٺڪر جا جيڪي قديمي مرڪز معلوم ڪيا ويا آهن. انهن مرڪزن تي 9 کان 7 هزار سال اڳ ٺڪر ٺهڻ لڳو هو. البت ان جي شروعات کهري، سادي، هٿ سان ٺهيل ۽ اڌوگابري پڪل ٿانوَ سان ٿي. اوائلي ٿانو شايد آڪار ۾ وڏا هئا پوءِ ننڍا ننڍا ۽ آخر ۾ ننڍڙا ٺهڻ لڳا. ان کانپوءِ هي هنر ترقي جي مختلف مرحلن مان گذري، پنهنجي وقت جي هڪ صنعت ٿي اُسريو. مثال طور: تندور (Oven) جي جاءِ تي آوي يا کورو، هٿ جي بجاءِ چڪ ۽ وري چڪ جا قسم، سادي بوتي (Body) تي رنگ، چٽ، چهڪ، رڳڙ، چُڳهه يا جوڙ يا جوڙجڪ (Applique) رنگ برنگي چٽ، نقش وغيره وغيره سان سنوار. اهڙي قسم جا نمونا واپاري وٿن جيان نه رڳو هڪ خطي يا تهذيب جي دائري ۾ پر ملڪ کان ٻاهر به موڪليا ويندا هئا. تاريخ ۽ قديم آثارن جي علم ۾ ٺڪر جي ٿانون جي شڪلين، رنگن، آرائش، گهاٽ (Fabric) ۽ اوڄ يا بناوت (Texture) جي بنيادن تي مختلف دورن، ڪن خطن، ماڻهن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ٿي. ملڪي ثقافتن جا لاڳاپا سڃاتا وڃن ٿا. ٺڪر عام طور تي ٻن نمونن ۾ استعمال ٿئي ٿو. (1) مختلف ٿانون ۽ چيزدانن وانگر (2) باقي ٻين شين وانگر ڌاتو، شيشي، چيني ۽ ٻين ترڪيبي يا هٿرادو (Synthetic) شين جي عام ٿيڻ کان اڳ ٺڪر مان ٺهيل اڪثر استعمال جي شين جو تعداد هڪ سو کان به وڌيڪ هو. جن جا نالا ڳڻائڻ به هن وقت مشڪل ڪم آهي. ٿانون ۽ ٻين ننڍين ننڍين شين کي ڇڏي ٺڪر (Terracotta) جي صورت جيڪا پڪي سر طور قديم توڙي جديد دنيا ۾ استعمال جو مثال نٿو ملي. سنڌو تهذيب جو ته پڪي سر ڄڻ ته سڃاڻپ آهي. ٺڪر جو پچائڻ: آلي مٽيءَ مان ٺهيل وٿون سڪڻ بعد آوي وغيره ۾ وجهي انهن کي باهه ڏبي آهي. اٽڪل 4000c جي گرميءَ تي مٽيءَ جي جُزن جي پاڻيٺ سڪي ويندي آهي. پر ٺڪر جي صورت آڻڻ لاءِ ان کي اٽڪل 10000c يا ان کان ڪجهه مٿي گرمي جي ضرورت پوندي آهي. ٺڪر گهڻي وڌيڪ تَوءُ اچي وڃڻ تي کنگهر جي صورت ۾ ٿي پوندو، جيڪو بيڪار هوندو آهي ۽ ٿوري تَوءُ اچڻ ڪري ٿانو ٻاڙو ٿي پوندو. جنهن کي پڻ ڪارگر نه سمجهبو آهي.