ٺڳ

ٺڳ: چالاڪيءَ ۽ حرفت سان سادن ماڻهن کي مختلف قسمن جون لالچون ڏيئي، پنهنجا گهربل مقصد پورا ڪندڙ ماڻهن جي مخصوص ٽولي کي ”ٺڳ“ چئبو آهي. اهي ڏوهاري ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن عام انسانن کي ڌوڪي ۽ فريب سان ڦرڻ کان پوءِ، کين قتل بہ ڪري ڇڏيندا آهن. دراصل ٺڳجڻ مھل ماڻهوءَ کي خبر بہ هوندي آهي تہ هو ٺڳجي رهيو آهي، پر پوءِ بہ هو لالچ ۾ اچي، اُن ڪڌي عمل تي بغير ڪنهن احتجاج جي ماڻهو پاڻ اُن برائيءَ جو هڪ حصو بڻجي ويندو آهي. ٺڳن جو ڪو خاص علائقو يا هنڌ مخصوص نہ هوندو آهي، پر اُهي هر هنڌ موجود هوندا آهن. ڪي علائقا تہ مشھور ٺڳن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ”دهليءَ جا ٺڳ“ محاورو ڪم ايندو هو، ڇو تہ ڪنهن دور ۾ دهليءَ جا ٺڳ تمام گهڻا مشھور هوندا هئا. اڄڪلھہ ڪٿي ڪٿي عاملن جي صورت ۾ جادوئي علم ذريعي پڻ ماڻهن کي ٺڳيو وڃي ٿو.


لفظ ٺڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو