ٺڳ ۽ ڀنڊاري (گروھہ ):هندستان ۾ رهزنن ۽ قاتلن جو هڪ گروھہ، جيڪي ڪالي ديويءَ جا پوڄاري هئا. هنن 16 يا 17 صدي عيسويءَ ۾ خصوصاً وچ هندستان ۾ ماڻهن کي قتل ڪري مارڻ سان هاڃا ڪري ڇڏيا هئا. اُهي رهزن معاشري ۾ عام ماڻهن سان اهڙيءَ طرح گڏجي رهندا هئا، جو سندن ڏوهاري هئڻ جو ڪنهن کي بہ شڪ نہ پوندو هو. سال جو وڌيڪ حصو، پنهنجن دستوري ڌنڌن ۾ گذاريندا هئا. سرءُ جي موسم شروع ٿيندي ئي ٽوليون ٺاهي سوداگرن يا ساڌن جي ويس ۾، گهرن مان نڪري پوندا هئا. مسافرن سان گڏ رلي ملي ويندا هئا ۽ کين قتل ڪرڻ جي موقعي جي تلاش ۾ رهندا هئا. قتل جو طريقو اهو هوندو هئن تہ مظلوم جي ڳچيءَ ۾ پَٽَ جي ڏوري يا چمڙي جي سنهي وڍي وجهي ڇڪيندا هئا، جنهنڪري اُهو ماڻهو ساھہ گهٽجڻ ڪري مري ويندو هو. انهن ٺڳن جي سرگرمين جو سراغ پندرهين صديءَ ۾ لڳايو ويو. کين ڪن جماعتن ۽ اهڙن مقامي عهديدارن جي حمايت حاصل هئي، جيڪي مالِ غنيمت مان حصو وٺندا هئا. ٺڳن جي پاڙ پٽڻ جو فيصلو برطانوي حڪومت ابتدائي دور ۾ ئي ڪيو هو. لارڊ وليئم بيئنتڪ ڇھن سالن ۾ 3266 ٺڳ گرفتار ڪري، انهن مان 412 ٺڳن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو. 483 ٺڳ سرڪاري گواھہ بنجي ويا ۽ ٻين کي ڪاري پاڻي (جنم ٽيپ) جي سزا ملي. اهڙيءَ طرح اهو فتنو هميشہ لاءِ ختم ٿي ويو. انهيءَ قتل عام ۾ هندستان جي جن قومن حصو ورتو، تن کي ڏوهاري قومون قرار ڏنو ويو ۽ انهن لاءِ قانون ٺهيو تہ ڪنهن بہ هنڌ ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو نہ رهن ۽ جنهن بہ هنڌ وڃن، پنھنجي رهائش جو اطلاع پوليس کي ڏين. اهڙيءَ طرح انهن قومن، روزگار لاءِ خانہ بدوشيءَ واري زندگي اختيار ڪئي. انهن ۾ مشھور قومون، ساسريا، گرڙا، ڀيل، ڪولهي، باگڙي ۽ جنڊاهڙا هئا. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ کين شھري تسليم ڪيو ويو آهي.