ٻائيتال

ٻائيتال: اناج وغيرہ جي تور جو ھڪ اصطلاح، جنھن ۾ واپاري ٻول بہ ڪندا تہ تورايڪيتال‘ ٿيندي يا ’ٻائيتال‘ اھي فقرا ڪاٻاڙي ۾ ڄاڻايل ھوندا آھن، پوءِ جي ’ايڪتال‘ تور ٿي تہ صحيح آھي، پر جي ڪاٻاڙي ۾ لکيل ’ايڪيتالتور آھي ۽ واپاري (واڻيو، دلال، خريدار) ضد ٻڌي بيٺو تہ ”ان ڪسو آھي، يا ڦٽيون ماڪ ڀنل آھن، ’ايڪيتالتور ۾ ڪس آھي، تہ پوءِ تورٻائيتال‘ ۾ ٿيندي“. جيڪڏھن واپار ۾ ڦڏو ٿي پيو. ڏيندڙ انڪاري ۽ وٺندڙ ضد تي رھيو تہ انھيءَ ريڙھہ پيڙھہ واري سموري معاملي کي ’ٻائيتال ٻارڻ‘ يا ’ٻائيتال‘ وارو معاملو مچائڻ چئبو. عام اصطلاح ۾ کٽ، پٽ، گهپي، ڌانڌل کي بہ ٻائيتال چوندا آھن .


لفظ ٻائيتالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو