ٻائي ٻڍي: هيءَ درويش عورت ’ٻارڻ‘ ذات سان تعلق رکندي هئي، جنهن جي مزار ضلعي ٺٽي، جي تعلقي جاتيءَ ۾، رڙيءَ جي ڦٽل شھر کان ڏکڻ اولھہ ۾ ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن متعلق مختلف روايتون آهن. ڪي چون ٿا تہ هن ڄمڻ وقت ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ ماڻهن کي حيرت لڳي، انهيءَ ڪري مائٽ کيس جهنگ ۾ ڇڏي آيا، پر هوءَ انهن جي واپس اچڻ کان اڳي ئي گهر پهچي چڪي هئي. اهڙي قسم جون ٻيون بہ ڪيتريون روايتون مشھور آهن .