ٻاجهي فقير لغاري

ٻاجهي فقير لغاري

ٻاجهي فقير لغاري

ٻاجهي فقير لغاري: ٻاجهي فقير لغاري ڳوٺ دريڙي، لڳ ڪوٽ نواب، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ 1920ع ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اٻاوڙي مان لڏي اچي ڳوٺ دريڙي ۾ رهيا. ٻاجهي فقير پرائمري اسڪول ۾ چار درجا سنڌي پڙهيو. ان کانپوءِ هارپي ۽ مزدوريءَ سان گڏ مال چاريائين. صوفياڻي شاعري ڪيائين. جتي بہ ڪنهن دوست سان ملاقات ٿيندي هئس تہ پنھنجي شاعري ان کي ضرور ٻڌائيندو هو. سندس شاعريءَ جو نمونو صوفي رکيل شاھہ، بيدل ۽ ٻُڍل فقير جي ڪافين جي رنگ ۾ ڇپيل آهي. سندس ڪافين جو بياض موجود آهي، ٻاجهي فقير ڪنڌ هيٺ ڪري، پنھنجي ڌن ۾ هلندو هو. هن کي اڪثر ”ٻوڙو“ ڪري سڏيندا هئا. حياتيءَ جي آخري سالن ۾ ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ داد لغاري ۾ لڏي وڃي ويٺو، جتي 1990ع ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاھہ ڳوٺ داد لغاري ۾ آهي. (حوالو: ’ڪافيون‘ ڊاڪٽر نبي بخش لغاري )


لفظ ٻاجهي فقير لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1920  عيسوي

ٻاجهي فقير لغاري ڳوٺ دريڙي ، لڳ ڪوٽ نواب ، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ 1920ع ۾ جنم ورتو .


00.00.1990  عيسوي

ٻاجهي فقير 1990ع ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد باغن شاھہ:
غلام علي مداح ٺٽوي
احمد بخش احمد مورائي
خير شاھہ 1
سميع بلوچ
مير صوبدار خان مير ٽالپر
مير محمد نصير خان ٽالپرجعفري
بدر قريشي
ميرغلام ﷲ خان ٽالپر شاهواڻي
اقبال رند
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون