ٻاراچ (ڳوٺ)

ٻاراچ: هنن کي ٻارچ بہ چون، هنن مان ڪيترا جهمپير ويجهو ڪينجهر جي وٽ سان آباد آهن. انهن مان جمعو ٻارچ مشھور سگهڙ ٿي گذريو آهي. مٺي (ضلعي ٿرپارڪر) ۽ اسلام ڪوٽ جي وچ تي هڪ مشھور ڳوٺ، جنهن تي ٻاراچ ذات جا مسلمان رهڻ ڪري نالو پيو. هن ڳوٺ ۾ ٻاراچ، سوٽهڙ، ڀيل ۽ ڪولهي ذاتيون آباد آهن. 1971ع جي پاڪستان- انڊيا جنگ جي شھيدن جي جو مقبرو بہ هتي جوڙيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو