ٻارن جي نمونيا: هيءَ بيماري ٻارن ۽ خاص ڪري ڪمزور ٻارن کي تمام گهڻي ٿيندي آهي. ڊاڪٽرن موجب اها خاص جيوڙن (بيڪٽيريا) ذريعي ٿيندي آهي. عام مشاهدو آهي تہ سردي لڳڻ يا زڪام ۽ نزلي ۾ سيني جي چڱيءَ طرح سنڀال نہ ٿيڻ ڪري يڪدم هيءَ بيماري ٿي پوندي آهي. شروع شروع ۾ معمولي کنگهہ ۾ ٿورو تپ ٿيندو آهي، جو پوءِ هوريان هوريان وڌي ويندو آهي، پر هڪجهڙو نہ رهندو آهي، ڪڏهن گهٽ تہ ڪڏهن وڌ ٿيندو آهي، هن ۾ سُڪي کنگهہ ٿيندي آهي ۽ ڪنهن وقت تمام گهڻي کنگهڻ سان ٿورو ذرو بلغم نڪرندو آهي ۽ ٻار تمام ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ بيهوش رهندو آهي. هن بيماريءَ جي خاص نشاني اها آهي تہ ساھہ کڻڻ مھل جيري ۽ تريءَ جي مٿان پاسرين ۾ کڏون معلوم ٿينديون آهن. ڊاڪٽر ان جو علاج اينٽي بايوٽڪ دوائن سان ڪندا آهن .