ٻارهن امام: اهل تشيع حضرات، توحيد ۽ نبوت سان گڏوگڏ امامت جا به قائل آهن. هو ان ڳالهه جا به قائل آهن ته امامت کانسواءِ دين جي پيروي مڪمل ٿي نه ٿي سگهي، ۽ حضور اڪرم صلعم جن جي حديث ”من ڪنت مولا فهذا علي مولا“ (آءٌ جنهن جو به مولا آهيان، ان جو علي به مولا آهي) موجب پهريون امام حضرت امير المومنين علي بن ابي طالب عليه السلام آهي. حضرت علي عليه السلام جي ولادت جمعه جي ڏينهن 13- رجب 30 عام الفيل (بعثت کان ڏهه سال پهرين) خانئه خدا ڪعبته الله ۾ ٿي. هن مولود جي والد جو نالو حضرت عمران بن عبدالمطلب (ڪنيت ابو طالب) ۽ والده جو نالو بيبي فاطمه بنت اسد بن هاشم هو. حضرت علي ڪرم الله وجہ ۽ سندس والدين، حضرت محمد مصطفيٰ صلعم ۽ دين خدا جا ازل کان دوست ۽ مددگار هئا. حضرت علي ڪرم الله وجہ پنهنجي سڄي زندگي اسلام جي خدمت ۾ گذاري ۽ انهي اسلام جي محبت سبب کين شهيد ڪيو ويو. 19 رمضان 40 هه تي صبح جي نماز جي ادائيگيءَ واري حالت ۾ عبدالرحمان بن ملجم/ زهر آلوده تلوار سان وار ڪيو ۽ امام ٻن ڏينهن کانپوءِ 21 رمضان 40 هه ۾ شهادت جو جام نوش ڪيو (ڏسو: علي عليه السلام، امام). اهل تشيع وارن جو ٻيو امام حضرت حسن المجتبيٰ عليه السلام آهي. (ڏسو: امام حسن عليه السلام) ٽيون امام حضرت امام حسين عليه السلام (ڏسو: امام حسين عليه السلام)، چوٿون امام، حضرت امام زين العابدين عليه السلام (ڏسو: امام زين العابدين عليه السلام)، پنجون امام، حضرت امام محمد باقر عليه السلام، (ڏسو: محمد باقر عليه السلام، امام) ڇهون امام، حضرت امام جعفر صادق عليه السلام (ڏسو: جعفر صادق عليه السلام، امام) ستون امام، حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام (ڏسو: موسيٰ ڪاظم عليه السلام، امام) اٺون امام، حضرت امام علي بن موسيٰ الرضا عليه السلام (ڏسو: موسيٰ الرضا عليه السلام، امام) نائون امام، حضرت امام محمد تقي عليه السلام (ڏسو: محمد تقي عليه السلام، امام) ڏهون امام، حضرت امام علي النقي عليه السلام (ڏسو: علي النقي عليه السلام، امام) يارهون امام، حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام (ڏسو: حسن عسڪري عليه السلام، امام) شيعن جو ٻارهون امام قائم آل محمد حضرت امام مهدي عليه السلام (ڏسو: قائم آل محمد، مهدي عليه السلام، امام) آهي .