ٻارهن دري

ٻارهن دري

ٻارهن دري

ٻارهن دري: ٻارهن دري تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ميرواھہ ڪئنال جي ڪپ تي، ڪوٽڏيجي واري نيشنل هاءِ وي جي ويجهو واقع آهي. هيءَ تعمير خيرپور جي ٽالپر اميرن جي آخري دور جي يادگار آهي. مير علي مراد ٽالپر خيرپور رياست جي حاڪم هئڻ دوران هيءَ جڳھہ خصوصي طور پنھنجي قيام ڪرڻ لاءِ تعمير ڪرائي.
مير علي مراد خان ٽالپر ر وزاني ميرواھہ ڪناري اچي هن هنڌ تي قيام ڪندو هو ۽ حڪومتي معاملن جي خبر چار لهندو هو. ٻارهن دريءَ ۾ مير صاحب جي قيام ڪرڻ لاءِ تعمير ڪيل ڪي بہ يادگار باقي نہ رهيا آهن، فقط ٻاهرين گول ديوار قائم آهي، جنهن جو بہ ڪجهہ حصو ڪري پيو آهي. واھہ جي ڪپ سان روڊ جي تعمير سبب پڻ هن تاريخي يادگار کي ضربون رسيون آهن. ٻارهن دريءَ کي هن وقت ڇت پيل ڪا نہ آهي، آثارن مان چئي سگهجي ٿو تہ عمارت کي ڇت هئي، جيڪا پوءِ بي ڌياني سبب تباھہ ٿي وئي آهي. ٻارهن دري سرڪاري پرگهور کان محروم هئڻ سبب هن وقت بلڪل اجڙيل نظر اچي ٿي ۽ پيڙھہ کان سرون ڪلر ۾ کاڄنديون ٿيون وڃن.
هي شاندار تاريخي يادگار رٿ ۾ ٻارهن ڪنڊو آهي، جنهن کي چؤڦير ونگاوان کليل لنگهہ آهن. تعمير ۾ پڪيون ڳاڙهي رنگ جون سرون استعمال ڪيل اٿس، جن جي اوساريءَ ۾ گچ گارو استعمال ڪيل آهي. هونئن تہ واھہ جي ڪناري کان ڪجهہ قدر مٿي هئي. ڀر ۾ روڊ ٺھڻ سبب هن وقت عمارت هيٺانهين ۾ آهي. هر هڪ لنگهہ جي وچ وارو ٿنڀ ٽي کان چار فٽ ويڪرو آهي، ونگائين لنگهن تي مٿان مستطيل ڪالم ٺاهيل آهن. ٻيڙ ٻني جي هيٺان ڪناري لاءِ سرن جون ڪنڊون ڪڍي چوڦير جنسار ڪيو ويو آهي، جن سان ٻيڙ ٻنو خوبصورت ڏيکاءُ ڏئي ٿو. اندرئين طرف چوني جو ليپو اٿس ۽ ڇت جي ڪڙين وغيرہ لاءِ ڳڙ کين جا نشان واضح نظر اچن ٿا. ميرواھہ جو ڪنارو هتان دلڪش منظر جي عڪاسي ڪري ٿو، ڀر ۾ ئي کجين جي باغ جو جهڳٽو اٿس. ٻارنهن دري رٿ ۾ سنڌي عمارت سازيءَ جو اعلى نمونو آهي. هن وقت اندر ڊڀ ڦٽل اٿس ۽ عمارت انتهائي زبون حالت ۾ آهي. ديوار جي لنگهہ وارو هڪ ونگ پڻ ڪري پيو اٿس. عمارت هنڌان هنڌان ڏري پئي آهي.


لفظ ٻارهن دريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو