ٻاروچو باغ: هي هالا تعلقي جو مشھور ڳوٺ آهي، جيڪو نئشنل هاءِ وي تي هالا کان اتر طرف ڇھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هي ڳوٺ ڦٽين ۽ اناج جو اهم مرڪز آهي. هتي سھائي فقير جو ساليانو ميلو بہ لڳندو آهي، جنهن ۾ وڏو ملاکڙو لڳندو آهي، جتي سڄي سنڌ جا ملھہ پنھنجي فن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن. هي ملاکڙو ڀٽ شاھہ جي ملاکڙي جو ڏيک ڏيندو آهي. هتان تاريخي شھر منصوره ٻہ ڪلوميٽر پنڌ تي آهي .