ٻاريءَ جا دٻيل دڙا: تعلقي ڪيٽي بندر جي ديھہ گهوڙا ٻاري ۾ ڦٽل شھر جا آثار، جيڪي دڙن جي صورت ۾ موجود آھن. اھي آثار، ڳوٺ احمد سمي جي ڀرسان روڊ جي بلڪل ويجهو، ڳوٺ کان ھڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آھن. ١٩٤٠ع تائين ھندن جو وسندڙ ڳوٺ هو، پر آزاديءَ کان پوءِ ھو لڏي ھندستان ھليا ويا ۽ پنھنجو قيمتي سامان ڪڍي ويا. انھن جاين ۾ ڪي تھہ خانا بہ آھن. آسپاس جي ڳوٺ وارن ٻاريءَ جي دڙن مان گهرن ٺاھڻ لاءِ چيڪي مٽي ڪڍي گهر ٺاھيا، کوٽائي ڪندي تھہ خانن مان قيمتي شيون مليون آھن، جن ۾ خوبصورت شيشيون، چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا، خوبصورت پٿر شامل آھن. چانديءَ جي سڪن ۾ ١٨٦٢ع، ١٩٠٢ع ۽ ١٩١٢ع جا سڪا مليا آھن .