ٻارڻ: اهي شيون جن کي باھہ ڏئي گرمي يا توانائي پيدا ڪجي. عام طرح ٻارڻ ۾ ڪاٺيون، ڪوئلا، تيل، ڇيڻا وغيرہ ڪم ايندا آهن. اڳي سِرُن پچائڻ يا چُن پچائڻ لاءِ کُوري کي وونئڻاٺين يا سارين جي تُهن جو ٻَلُ (ٻَلُ = ٻارڻ، باھہ) ڏبو هو. هن وقت پيٽرول وانگر معدني تيل، فرنيس آئل ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان کان علاوہ ڊيزل، گاسليٽ پڻ ٻارڻ طور استعمال ٿيندو آهي. اڄڪلھہ کُورن ۽ ڪارخانن ۾ قدرتي گئس (سُئي گئس) جو استعمال گهڻو وڌي ويو آهي. جديد دور ۾ سج جي گرميءَ (Solar energy) ۽ هوا جي تيزيءَ (Wind energy) ۽ ٻين ذريعن کي پڻ انهيءَ مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن .