ٻارڻ: ضلعي ۽ تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديھہ بہ آهي، جنهن ۾ مکيہ ٽي ڳوٺ آهن: ’ٻارڻ‘،’آڀي پَٽ‘ ۽ ’نئين ديھہ جو پَٽ‘. هي پٽ وارياسا آهن، پر هاڻي زمين آباد ٿيندي پئي وڃي. هن ديھہ ۾ راڄپر، خاصخيلي، بروهي، ماڇي ۽ دائيداڻا آباد آهن .