ٻالڪن جي ٻاري ۽ گرل گائيڊ: سنڌ ۾ ٻالڪن جي ٻاريءَ جو بنياد دادا شيوڪ ڀوڄراج وڌو، ننڍڙا ٻار، ٻالڪ، ٻالڪيون، آچر ڏينھن صبح جو سنڀري، چاھہ مان ٻالڪن جي ٻاريءَ جي سينٽر تي ويھندا ھئا ۽ اتي ڪلاڪ ٻہ پاڻ کي وندرائي، پوءِ گهر موٽندا ھئا، وندر سان گڏ سکيا بہ ملندي ھئي، ٻاريءَ ۾ ٻالڪن ۾ ڦڙتي پيدا ٿيندي ھئي، راڳ لاءِ منجهن شوق جاڳندو ھو ۽ آکاڻين، پرولين ۽ ڳجهارتن لاءِ منجهن چاھہ وڌندو ھو. ٻالڪن جي ٻاريءَ جا بانيڪار دادا شيوڪ رام ڀوڄراج سان گڏ ڪي ٻيا بہ ھئا ۽ سنڌ ۾ ان جو پايو پختو ڪندڙ ۽ ساريءَ سنڌ ۾ ڦھلائيندڙ دادي پاروتي گدواڻي ھئي. ٻالڪن جي ٻاري شھرن ۽ ڳوٺن ۾ چڱيءَ ريت ھلندي ھئي، بعد ۾ ڇوڪرين جي جماعت قائم ٿي، جنھن کي ”گرل گائيڊ“ سڏيو ويو. راند روند سان منجهن بدني ڦڙتائي ۽ شڪتي وڌائي ويندي هئي ۽ ادب، انداز ۽ ضابطو سيکاريو ويندو هو .