ٻان

ٻان: ضمانت طور نظربند ٿيل ماڻھو، اڳئين دستور موجب فاتح بادشاھہ يا حاڪم، مخالف ڌر جا خاص ماڻھو نظربند ڪري پاڻ سان وٺي ويندا ھئا، جيئن ميان غلام شاھہ کي نادر شاھہ پاڻ سان وٺي ويو، جنھن کي ”ڏن“ جي ادائگيءَ کان پوءِ ڇڏيو ويو ھو. موجودھ دور ۾ ان رواج کي ”يرغمال ڪرڻ“ چيو ويندو آھي ۽ يرغمالي کان ”ڀنگ“ ورتو ويندو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو