ٻانهين: عاج، سون يا چانديءَ جون ترتيبوار چوڙيون، جيڪي زالون ٻانھن ۾ پائين، تن کي به ’ٻانھين‘ چئبو آھي. ھيءُ ھڪ قسم جو زيور شمار ٿئي ٿو. ٻانھن ۾ پائڻ ڪري ھن زيور جو نالو ٻانھين پيو. ٻانھين آڳاٽي دور ۾ عورتون توڙي مرد پائيندا ھئا، پر پوءِ رڳو عورتون اھو زيور پائڻ لڳيون. سنڌ جي مڙني ڀاڱن ۾ عورتون اھو زيور پائينديون آھن. ٿر ۾ ٻانھيون، عاج، سون ۽ چانديءَ جون ٿين ۽ جابلو عورتون چانديءَ ۽ سون جون ٻانھيون پائين. اتر ۾ پڻ سون ۽ چانديءَ جي ٻانھيون عام نظر اينديون آھن، ڪافور، جست، مٺ، نڪل ۽ پلاسٽڪ مان پڻ ٻانھيون ٺھنديون آھن. ڪن ذاتين ۾ ٻانھين ڪنوار لاءِ لازمي سمجھي ويندي آھي. الھي ڪلھي ٻانھين سھاڳڻ جي نشاني ليکبي آھي، ڪنواريون ڇوڪريون رڳو ڪرائيءَ کان ٺونٺ تائين ٻانھين پائينديون آھن.
ٻانھيون مختلف قسمن جون ٿين، جن ۾ ”عاج ٻانھين“، ”آرسي ويلڻ ٻانھين“، ”چوڙ ٻانھين“ ۽ ”ويڙهه ٻانھين“ عام آھن.
ٻانھينءَ جا گھاڙيٽي جي لحاظ کان ھيٺيان قسم مشھور آھن: (1) چاٻيءَ واري ٻانھين، (2) گلاس واري ٻانھين (3) پھلودار ٻانھين (4) مک واري ٻانھين (5) ٺپيدار ٻانھين (6) ويڙهه ٻانهين ۽ (7) عاج واري ٻانھين، عاج جون ٻانھيون عاج مان جڙنديون آهن، انھن ۾ ننڍا توڙي وڏا چوڙا ٿين.
آرسي ويلڻ ٻانھين: ٻانھي جي ھن قسم ۾ ٻه چوڙا ننڍا ۽ ھڪ وڏو چوڙو ٿيندو آھي، ٻن چوڙن تي ”ويلڻ“ وارو نمونو ٺھيل ھوندو آھي ۽ ھڪ وچ واري ويڪري چوڙيءَ تي آرسيءَ وارو چلڪندڙ نمونو ڇلائيءَ سان ٺھيل ھوندو آھي.
چوڙ ٻانھين: ھن ٻانھيءَ ۾ ٽن کان ستن جي تعداد ۾ چوڙا ٿيندا آھن، پر ھر ھڪ چوڙو ٻئي چوڙي سان ڪڙين سان ڪڙيل ھوندو آھي .
ويڙهه ٻانھين: ھن قسم جي ٻانھين ويڙهه (اسپرنگ) وانگر ٿئي ٿي ۽ ٻانھن ۾ پڻ رنگ وانگر ڦيري سان پائبي آھي. ھن کي ”ور- ٻانھين“ پڻ چون.
مٿين مڙني قسمن جون ٻانھيون وري جڙاءَ، ميناڪاريءَ، ڇلائيءَ، ڄاريءَ (ڪاسٽنگ) وغيره جي سينگار سان سينگاريون وينديون آھن، خاص ڪري ڌاتوءَ مان جڙندڙ ٻانھيون، ڪي پوريون ۽ ڪن ۾ ’ڌوپ‘ پڻ پوندو آھي. لوڪ گيتن، ’ڪامڻ‘، ’سينگار‘ ۽ ’ڳيچن‘ ۾ ٻانھينءَ جو ذڪر تمام گھڻو آيل آھي. جيئن:
ٻانھين ٻيڙي والي دا حاڪم بناوي
کھنبي جوڙي والي دا صاحب بناوي
سنڌ جي ڪولھين ۾ خاص قسم جي ٻانھين پائڻ جو رواج آھي. ڪولھڻيون چوڙيون يا پٽا ڪين پھرين، پر چانديءَ جي پڪي ٺھيل ٻانھين پائين. جنھن جو سڄو تاڪ کلندو ۽ چاٻيءَ سان بند ڪيو ويندو آھي .