ٻانڀڻ: ھندن جي ڌرمي اڳواڻ کي ”ٻانڀڻ“ چئبو آھي. ھندن جي سمورن فرقن ۾ ٿوري ڦير گهير سان گهڻو ڪري ساڳيون رسمون ھونديون آھن. مثلا ويڏي پڙھڻ، ھون ڏيڻ، ٻل چاڙھڻ (قرباني ڪرڻ) ڪريا ڪرم ڪرڻ، پتر کارائڻ، جڻيو پارائڻ وغيرہ. جيتوڻيڪ اشلوڪ، ڀڄن ساڳيا گيتا يا اپنشدن مان ھوندا آھن، پر منجهن فرق رڳو اھو ھوندو آھي تہ ھر فرقي وٽ جدا جدا ٻانڀڻ مقرر ھوندو آھي. مثلا مھيشورين وٽ جدا، ٺڪرن وٽ جدا، ھريجنن وٽ جدا، تہ وري سوٽھڙن وٽ جدا. لفظ ”ٻانڀڻ“ اصل ۾ ”برھمڻ“ جو بگاڙ آھي، جيڪو مقامي محاوري موجب بدلجي ٻانڀڻ ٿيو آھي. وڌيڪ تفصيل ڏسو ”برھمڻ“ .