ٻانڌاڻ: مقرر ٿيل لوازمو يا زمينداريءَ جو رڪب، ڪجهہ وقت اڳ (اڌو اڌ بٽئيءَ کان اڳ واري قانون) زميندار جي طرفان ھاريءَ تي ڪي رڪب رکيل ھوندا ھئا، جيڪي ھاري پنھنجي حصي مان ادا ڪندو ھو، انھن جو تفصيل ھن طرح آھي: زميندار جي گهوڙي جو داڻو ھڪ ٽويو، زميندار جي اوطاق جو خرچ ھڪ ٽويو، يارھين ۽ خيرات جو خرچ ھڪ ٽويو وغيرہ. انھيءَ خرچ کي ”ٻانڌاڻ“ چوندا ھئا .