ٻانڌي (عمل)

ٻانڌي: مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ جو ھڪ طريقو، جنھن موجب مھاڻا درياھ يا ڍنڍ ۾ ’ٻانڌي‘ يا ’ٻانڌو‘ وجهي مڇي ماريندا آھن، پر درياھہ ۽ ڍنڍ جي ٻانڌي ۾ ٿورو فرق آھي. درياھہ جي ٻانڌي متعلق ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو تہ ”درياھہ ۽ ڍنڍ ۾، جتي پاڻي تانگهو ھوندو آھي، اتي مھاڻا اوراڙ پراڙ کان وھڪري ڏانھن لھوارو ڪاٺين جو بند ڏئي، انھن جون پڇاڙيون وچ سير وٽ آڻي ھڪ ٻئي کي ويجهيون ڪندا آھن. انھيءَ سوڙھي گهٽ جي ٻاھرئين پاسي ڄار ھڻي ڇڏيندا آھن. پوءِ مڇي بندن سان لڳي اچي انھيءَ سوڙھي گهٽ مان لنگهندي آھي، جتي ڄار ۾ ڦاسي ان کي ساھيندي آھي، جنھن جي پيھي تي ويٺل مھاڻو ڄار کي ڇڪي، مٿي ڪري، مڇيءَ کي سوئو ھڻي ھڪ ڏور ۾ پوئيندو ويندو آھي. انھيءَ مانڊاڻ کي مھاڻا ’ٻانڌي‘ يا ’ٻانڌو‘ سڏيندا آھن. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو