ٻانھوٽا: ٻانھن ۾ پائڻ جو ھڪ ڳھہ. ٻانھوٽا ٻنھي ٻانھن ۾ پائبا آھن، اھي چانديءَ جا بہ ٿين تہ سون جا بہ. ٻارن کي سوڻ طور موتين مان ٺھيل ٻانھوٽا پائڻ جو رواج آھي. اھي ست رنگي سٽ يا پٽ جا ڌاڳا، جن ۾ موتي پوئي، ٽؤنر وجهندا آھن، مڻڪن ۽ ڪچ ڪوڏين وغيرہ مان بہ ٻانھوٽا ٺھندا آھن .