ٻانھياري: درياھہ جي مڇيءَ جو ھڪ قسم، جيڪو ”گوج“ مڇيءَ جو ئي ھڪ قسم آھي، ھن مڇيءَ کي پٽا ٿين ٿا، بوھڻي (بوھڻ يا گوج) کان وڏي ٿيندي آھي ۽ سامونڊي بام مڇيءَ سان نسبت رکي ٿي، ٻانھياري، آني وات کان ٿورو ھيٺ ڳراچ ڪري ٿي، ڪيترا ماڻھو گوج کي شوق سان کائيندا آھن، پر ڪي ماڻهو ان کي نانگ جهڙي صورت جي سمجهي نہ بہ کائيندا آھن .