ٻانھياريءَ وارو ڀڙو

ٻانھياريءَ وارو ڀڙو: ھن ڀڙي جا کنڊر کان 30 ڪلوميٽر اترطرف نئين ڇور شھر کان اتر طرف ۽ تڳوسر جي ترائيءَ کان ٿورو اتر موجود آھن، جنھنڪري ان کي ”تڳوسر جا کنڊر“ بہ ڪوٺيندا آھن. ھنن کنڊرن جا نشان ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھن، جتان مينھن جي مند ۾ سرون، پٿر، لوھہ جا ٽڪر، شيشا، سرون ۽ عاج وغيرہ لڀندا آھن. هن لاءِ عوامي روايت آهي تہ هن دڙي تي طعني يا شرط تي هڪ عورت ٻيلهڙو کڻي چڙهي هئي ۽ مٿي پهچندي ئي هن جو دم پرواز ڪري ويو، جنهن سبب ئي هن ماڳ جو نالو ٻانهياري ڀڙو پئجي ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو