ٻاوري

ٻاوري/ ٻائوري: وڻ جو ھڪ قسم، جيڪو ٻٻر جي نسل مان آهي ۽، اڪثر ڪري ٿر ۽ جبلن ۾ ٿيندو آھي. ھن جا پن بہ ٻٻر جي پنن جھڙا ٿيندا آھن ۽ ان جي ٽارين تي ڊگها نوڪدار ۽ تکا ڪنڊا ٿين. ھن وڻ جي ڪاٺي ٻٻر جهڙي ڳاڙھسري ۽ ڪاري ٿئي. ھن جا پن، ٻڪريون، اٺ ۽ ھرڻ کائيندا آھن. ھن جو ڪاٺ ٿلھو ڪو نہ ٿئي، پر سنھيون ڊگهيون ڇانڀون ٿين، جيڪي سڪڻ بعد ڇنن ۽ چونرن ۾ ’ڪايا‘ ڪري ڪم آڻبيون آھن. ھن وڻ جي پاڙن مان جهيرڻا ٺھندا آھن، جيڪي ڪولھي ۽ ٻيا ٿر جا رهواسي شھرن ۾ وڪڻندا آھن. ھن وڻ جو کؤنر ڪارائتو ٿيندو آھي ۽ پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آھي. حڪيمن موجب ھي معدي کي تقويت ڏئي ٿو ۽ اهي مختلف بيمارين جي دوا طور ان جو استعمال ڪندا آهن. ڳوٺاڻن ماڻهن موجب ھن جي پنن ۽ ڇوڏن کي ڪٽي مينديءَ ۾ ملائي ڪيس ڪبو تہ وار ڪارا ۽ ڊگها ٿيندا. ھن جي پنن ۽ ڇوڏن کي ڪاڙھي گرڙيون ڪبيون تہ ڏند مضبوط ٿيندا. ڪاٺين ۽ ڇوڏن کي ڪاڙھي ڪپڙا پڻ رڱيا ويندا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو