ٻاونجاهه اکريون: ٻاونجاهه اکريون سنڌيءَ جي الفا بيٽ/ پٽيءَ جي ٻاونجاهه اکرن سان شروع ڪيل بيتن ۽ چوپاين، بندن هيٺ طويل نظم جي صورت ۾ لکيون ويون آهن. ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ’ڱ‘، (سڱ)، ’ڙ‘، (ماڙي)، ’ڃ‘، (مڃ) ۽ اکر ’ء‘ (الف حمزي) ڪنهن به لفظ جي منڍ ۾ نٿا اچن. ان ڪري هن ڏکيائيءَ سبب ٻاونجاهه اکريون گهٽ لکيون ويون آهن، شاعريءَ جي قديم انداز بيان سان 1983ع ۽ 86ع جي ايم. آر. ڊي دؤر ۾ وچولي سنڌ جي مشهور شاعر روشن ڪلهوڙي عرف سانوڻ وچولائيءَ ٻاونجاهه اکري سرجي هئي. هن ”ڱ“ ۽ ”ڙ“ جهڙن لفظن کي پٽيءَ جي اچارن هيٺ استعمال ڪيو هو. مثال: ”’ڱ‘ سڱ جهڙو لفظ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڳولي ڏي“.