ٻاونجاھہ اکريون

ٻاونجاھہ اکريون: ٻاونجاھہ اکريون سنڌيءَ جي الفا بيٽ/ پٽيءَ جي ٻاونجاھہ اکرن سان شروع ڪيل بيتن ۽ چوپاين، بندن هيٺ طويل نظم جي صورت ۾ لکيون ويون آهن. ٻاونجاھہ اکريءَ ۾ ’ڱ‘، (سڱ)، ’ڙ‘، (ماڙي)، ’ڃ‘، (مڃ) ۽ اکر ’ء‘ (الف حمزي) ڪنهن بہ لفظ جي منڍ ۾ نٿا اچن. ان ڪري هن ڏکيائيءَ سبب ٻاونجاھہ اکريون گهٽ لکيون ويون آهن، شاعريءَ جي قديم انداز بيان سان 1983ع ۽ 86ع جي ايم. آر. ڊي دؤر ۾ وچولي سنڌ جي مشھور شاعر روشن ڪلهوڙي عرف سانوڻ وچولائيءَ ٻاونجاھہ اکري سرجي هئي. هن ”ڱ“ ۽ ”ڙ“ جهڙن لفظن کي پٽيءَ جي اچارن هيٺ استعمال ڪيو هو. مثال: ”’ڱ‘ سڱ جهڙو لفظ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڳولي ڏي“.


لفظ ٻاونجاھہ اکريونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو