ٻاٽي جا ٻاٽيا: ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو ٻوٽو. هيءُ ٻہ اڍائي فوٽ اوچو ٿئي، جيڪو ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ سنئينءَ ميداني زمين ۾ ٿيندو آهي. اِن جا پن گول، پر ٿورا چُهنبدار ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي اٺ، ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون ۽ گڏھہ جام کائيندا آهن.