ٻاڙوڌو: هن نالي سان سکر ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ٻہ ديهون آباد آهن. تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ٻاڙي، خدا بخش پتافي، عظيم چاچڙ، حافظ عبدالسميع چاچڙ ۽ امام بخش گبول. ٻي ديھہ تعلقي ٺُل ۾ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: درگاهي جکراڻي، گلاب خان بگٽي، الاهي بخش جکراڻي، جان محمد جکراڻي، بکر خان جکراڻي، وزير خان جکراڻي ۽ ٻيلو خان جکراڻي .