ٻاگهل ٻائي

ٻاگهل ٻائي/ ٻاگهي: سنڌ ۾ سومرا دور جو هڪ تاريخي ڪردار. ٻاگهي، دودي سومري جي وڏي ڀيڻ هئي. ڀونگر جي مرڻ کان پوءِ راڄن جو فيصلو هو ته وڏي ڌيءَ هئڻ ناتي پڳ ”ٻاگهيءَ“ کي ٻڌائجي. ٻاگهيءَ پڳ ٻڌڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ”ڀائرن هوندي ڀيڻ ڪيئن پڳ ٻڌندي؟ وڏي ڀاءُ چنيسر کي وڃي پڳ ٻڌايو.“ چنيسر جيئن ته ڀونگر جي ڏاڏي پوٽي زال مان ڪونه هو، ان ڪري راڄن ڪجهه آناڪاني ڪئي، تنهن تي چنيسر منجهي پيو. اڪثريت جي راءِ ڏسندي، هن ڳالهه ته قبول ڪئي، پر چيائين ”ترسو ته امان کان پڇي اچان!“ چنيسر جي ان ڳالهه کي ڪمزوري سمجهي، راڄن پڳ دودي کي ٻڌائي، جيڪو سڀني ۾ ننڍو ڀاءُ هو، پر سندس ماءُ ڏاڏي پوٽي هئي. ان تي چنيسر ڪاوڙجي دهليءَ ويو ۽ ڀيڻ ٻاگهيءَ جو سڱ علاؤالدين کي ڏيڻو ڪري کيس لشڪر سميت، سنڌ تي چاڙهي آيو. دودي، سامون (سومريون) ابڙي ڏانهن اُماڻي، علاؤالدين سان جنگ جوٽي، جنهن جنگ ۾ دودي سميت سمورا سورهيه شهيد ٿي ويا، پر آڻ نه مڃيائون. سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي دودي چنيسر ۽ علاؤالدين جي جنگ جون منظوم ڳاهون مشهور آهن، جن ۾ راڻي ٻاگهيءَ جو مکيه ڪردار ڳايو ويندو آهي. هن قصي جي مسلسل رواج ۾ هئڻ ۽ عام طور تسليم ٿيل روايتن مان گمان نڪري ٿو ته هن قصي پويان سومرا دور جو تاريخي پس منظر موجود آهي. تاريخي لحاظ سان سلطان علاؤالدين (1316-1296ع) جي سپهه سالار ظفر خان جو سال 697 هه/ 1297-1298ع ڌاري سنڌ تي چڙهي اچڻ ثابت ٿئي ٿو. سنڌ جي هڪ مقامي روايت موجب ان وقت ”اسدالمِلت“ دودو سومرو حڪمران هو، جنهن هڪ بيان موجب 700 هه/1300-1301ع ۾ وفات ڪئي. جيڪڏهن 697-700 هه واري عرصي ۾ سلطان علاؤالدين جي سپهه سالار ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگيون فرض ڪجن ته پوءِ اُهي مقابلا سومرا دور جي خاتمي کان اٽڪل پنجاهه سٺ سال اڳ ٿيا هوندا. انهيءَ لحاظ کان چئبو ته ”دودي، چنيسر ۽ علاؤالدين“ جو جنگي داستان سال 700 هه کان پوءِ، يعني اٺين صديءَ جي شروعات کان وٺي بيان ٿيڻ لڳو ۽ اڄ ڏينهن تائين پيو بيان ٿئي ۽ ڳائجي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو