ٻاگهل ٻائي/ ٻاگهي: سنڌ ۾ سومرا دور جو هڪ تاريخي ڪردار. ٻاگهي، دودي سومري جي وڏي ڀيڻ هئي. ڀونگر جي مرڻ کان پوءِ راڄن جو فيصلو هو تہ وڏي ڌيءَ هئڻ ناتي پڳ ”ٻاگهيءَ“ کي ٻڌائجي. ٻاگهيءَ پڳ ٻڌڻ کان انڪار ڪندي چيو تہ ”ڀائرن هوندي ڀيڻ ڪيئن پڳ ٻڌندي؟ وڏي ڀاءُ چنيسر کي وڃي پڳ ٻڌايو.“ چنيسر جيئن تہ ڀونگر جي ڏاڏي پوٽي زال مان ڪونه هو، ان ڪري راڄن ڪجهہ آناڪاني ڪئي، تنهن تي چنيسر منجهي پيو. اڪثريت جي راءِ ڏسندي، هن ڳالھہ تہ قبول ڪئي، پر چيائين ”ترسو تہ امان کان پڇي اچان!“ چنيسر جي ان ڳالھہ کي ڪمزوري سمجهي، راڄن پڳ دودي کي ٻڌائي، جيڪو سڀني ۾ ننڍو ڀاءُ هو، پر سندس ماءُ ڏاڏي پوٽي هئي. ان تي چنيسر ڪاوڙجي دهليءَ ويو ۽ ڀيڻ ٻاگهيءَ جو سڱ علاؤالدين کي ڏيڻو ڪري کيس لشڪر سميت، سنڌ تي چاڙهي آيو. دودي، سامون (سومريون) ابڙي ڏانهن اُماڻي، علاؤالدين سان جنگ جوٽي، جنهن جنگ ۾ دودي سميت سمورا سورهيه شھيد ٿي ويا، پر آڻ نہ مڃيائون. سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي دودي چنيسر ۽ علاؤالدين جي جنگ جون منظوم ڳاهون مشھور آهن، جن ۾ راڻي ٻاگهيءَ جو مکيہ ڪردار ڳايو ويندو آهي. هن قصي جي مسلسل رواج ۾ هئڻ ۽ عام طور تسليم ٿيل روايتن مان گمان نڪري ٿو تہ هن قصي پويان سومرا دور جو تاريخي پس منظر موجود آهي. تاريخي لحاظ سان سلطان علاؤالدين (1316-1296ع) جي سپھہ سالار ظفر خان جو سال 697 ھہ/ 1297-1298ع ڌاري سنڌ تي چڙهي اچڻ ثابت ٿئي ٿو. سنڌ جي هڪ مقامي روايت موجب ان وقت ”اسدالمِلت“ دودو سومرو حڪمران هو، جنهن هڪ بيان موجب 700 ھہ/1300-1301ع ۾ وفات ڪئي. جيڪڏهن 697-700 ھہ واري عرصي ۾ سلطان علاؤالدين جي سپھہ سالار ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگيون فرض ڪجن تہ پوءِ اُهي مقابلا سومرا دور جي خاتمي کان اٽڪل پنجاھہ سٺ سال اڳ ٿيا هوندا. انهيءَ لحاظ کان چئبو تہ ”دودي، چنيسر ۽ علاؤالدين“ جو جنگي داستان سال 700 ھہ کان پوءِ، يعني اٺين صديءَ جي شروعات کان وٺي بيان ٿيڻ لڳو ۽ اڄ ڏينهن تائين پيو بيان ٿئي ۽ ڳائجي .