ٻاگھل

ٻاگهل: ھڪ ذات جو نالو، ھن ذات جا ماڻھو لاڙ ۾ ساڱري درياھہ جي ڪپ سان رھندا ھئا، بدين ضلعي جي شھر راڄي خاناڻيءَ جي ڀرسان ديھہ ”ٻاگهلاڻي“ ۽ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٻاگهلن جا وڏا آباد ھئا، جن جا آثار اڄ بہ چٽا ڏسجن ٿا. ٻاگهلا، چارا ۽ گجر لاڙ جون مشھور ذاتيون آھن، جيڪي سومرن جي دور ۾ سنڌ مان ڪڇ ڏانھن لڏي ويون ۽ پوءِ مختلف جاين تي وڃي رھيون. پر ٻاگهلا گجرات ڏانھن ھليا ويا، جتي ھنن پاڻ کي ”واگهلا“ سڏايو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو