ٻج: ڪنھن بہ اناج، وڻ ۽ ول وغيرہ جو داڻو، يا تخم، جيڪو پوکجي تہ ان مان سلو پيدا ٿئي. ڪن پڪل فصلن جي ٽڪرن ۽ ڳرين وغيرہ کي بہ ”ٻج“ چئبو آھي، جيئن پٽاٽي جا ٽڪر، ڪماند جون ڳريون، لاھوري گجر جا ٽڪر وغيره، ڪن ٻوٽن جون ”اکيون“ بہ ٻج طور، ٻين ٻوٽن ۾ پيوند ڪبيون آھن، ڪنھن بہ وڻ، ٻوٽي، جاندار، جيت، جانور يا ساھواري جو خلياتي جز، جنھن ۾ ساڳئي نسل جي وڌڻ، ويجهڻ ۽ پکڙجڻ جون جملي صلاحيتون موجود ھونديون آھن. مثال طور جنھن ٻوٽي جو ٻج آھي، اھو ٻج ڦاٽي، وڌي ويجهي، پنھنجي نسل جا ٻيا ٻج پيدا ڪري ٿو، اھو ئي حيات مسلسل جو سلسلو آھي. قدرت جو اھو ڪرشمو آھي، جو نموريءَ ۾ سڄي نم سمايل آھي تہ گلاب جي ٻوٽي ۾ سوين گل، مکڙين ۽ پنن سوڌا سمايل آھن .