ٻجهارت

ٻجهارت/ ڳجهارت: ٻجهڻ، ڳولي لھڻ يا سمجهڻ واري ڳجهي ڳالھہ، ٻجهارتن جا ٻہ قسم ٿين: ھڪڙيون ٻاراڻيون ٻجهارتون (پروليونجن کي گهڻو ڪري ڳجهارت نہ چئبو آھي. ٻيون وري وڏن ڏاھن ۽ سگهڙن واريون ٻجهارتون، جن کي ”ڳجهارتون“ چوندا آھن، لفظن جي لڪ ۽ اشاراتي ڳالھہ نثر توڙي نظم ۾ جوڙڻ کي ڳجهارت سڏبو آھي.
ٻاراڻي ٻجهارت (پرولي) .
چوڻي: ٻجهہ ٻجهارت، ٻول ٻاراڻا
گهر گهر ۾ ڳاڙھي ڪنوار
وراڻي: ٻجهيم ٻجهارت اھا تہ آھي ”باھہ“ .
وڏن سگهڙن جي ٻجهارت/ ڳجهارت:
راڻا تو ڪاٺي، مون نہ ڪاٺي .
واٽ: ٻہ پاوا (ڪاٺي) ڪاٺي، ڪاٺ جي پٽي يا ”سري“، ڳجهو لفظ ”سري“ .
ڀڃڻي: راڻا تو سري، مون نہ سري.
مراد: مومل راڻي کي ڏوراپو ڏيندي چوي ٿي تہ ’راڻا! تنھنجي تہ مون کان سواءِ سري وئي، پر منھنجي تو کان سواءِ نہ سري ۽ آءٌ تو ڪاڻ پئي جهوراڻي ۾ جهڄان ۽ جهران‘ (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ”ڳجهارت“.)


لفظ ٻجهارتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو