
ٻرهاڙو
ٻـَرهـاڙو:Little Egret / Egretta garzetta:ٻگهہ پکيءَ جو قسم. 62 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٻگهہ جا ٻيا سنڌي نالا ٻرڙو ۽ ٻرهڙو بہ آهن. ان جا نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿيندا آهن. سڄو اڇو ٿئي ٿو، نوڪدار ڪاري مضبوط چهنب ۽ ٽنگون بہ ڪاريون ٿينس ٿيون. هن جا پير هيڊا آهن، مٿي کان اڇن کنڀن جي چوٽي ڪنڌ تي پئي لڙڪندي اٿس. هن ٻگهہ جي اک ڪاري ٿئي ٿي. لڳ جي مند ۾ هن جا کنڀ سھڻا ٿي ويندا آهن. ان جو نسل ڪجهہ گهٽيو آهي تہ بہ ننڍين ٽولين ۾ ڍنڍن، دُٻن ۽ تلائن تي مڇي، جيت ۽ ڏيڏر جهليندي ڏسبو آهي. تانگهي پاڻيءَ ۾ هلندي هلندي اهي ڪنهن ڪنهن مھل زور زور سان ٿاڦوڙا هڻندا آهن. شايد، ايئن شڪار کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن .
ٻرهاڙي جي اڏار آهستي ٿئي ٿي. اهو هوريان هوريان پَـر ڦڙڪائي سڌو اڏامندو آهي ۽ اڏار مھل منڍي ڪلُهي سان ملائي ڇڏيندو آهي. آکيرو، پاڻيءَ جي ڪنڌين تي ڪالونيءَ جي صورت ۾ ٺاھيندو آھي. لڳ جي مُند ۾ پَـر کنڊيري سھڻي رقص ۽ پنھنجي سونهن سان ماديءَ کي مائل ڪندو آهي .