ٻرو

ٻَرو: گاھ جو ھڪ قسم، جيڪو ٿر ۾ نرم وارياسين ڀٽن جي لاھہ واريءَ زمين تي ٿيندو آھي . گاھہ جو ھيءُ قسم چار فوٽ کن ڊگهو ٿئي ٿو، جنھن جو سنگ ڦاڪدار ٿئي ۽ منجهس ان ٿئي ٿو . ھن گاھہ جا پن ٻاجهريءَ جھڙا پر سنھا ھوندا آھن . ھن جي وچين ڏانڊي ڳاڙھي رنگ جي ٿيندي آھي . ھن گاھہ جي ان کي پيھي مارو ماڻھو ماني پچائي کائيندا آھن، جنھن جو رنگ ڳاڙھن چانورن جي مانيءَ جهڙو ٿيندو آھي . ڍڳيون ، مينھون ۽ گهوڙا ھن گاھہ کي جام کائين ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو