ٻلي
ٻِلي: ٻلي شينھن ۽ چيتي جي نسل سان تعلق رکندڙ گوشت خور، ڪوئا کائيندڙ جانور آھي، ھن نسل جي جانورن کي انگريزيءَ ۾ ’فيلڊاءِ فيملي‘ (Felidea Family) چئبو آھي. فيلڊاءِ ڪٽنب جا سڀ جانور خطرناڪ ۽ خونخوار ٿيندا آھن، انھن مان واحد ٻلي آھي، جنھن کي پالي سگھجي ٿو. ٻليءَ جي حس نھايت تيز ٿي ٿئي. ٻلين ۾ ڪيترائي قسم ٿين ٿا. ٻليون پنھنجي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان ڏاڍيون سھڻيون ٿين ٿيون. ايراني ٻلين جا وار وڏا ٿيندا آھن، ان کان سواءِ برما جي مقدس ٻليءَ ۽ ٿٻيٽي ٻلين جا وار پڻ قدرتي وڏا ٿين ٿا. ننڍن وارن وارين ٻلين ۾ مينڪس، سيامي ۽ ابيسينائي (حبشي) اچي وڃن ٿيون. سنڌ جي ٻلي ڪاري، اڇي ۽ ڳاڙھي رنگ جي ٿيندي آھي، ان جا وار ننڍا ھوندا آھن .
خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمرانن وٽ خاص ايراني نسل جون ٻليون ھونديون ھيون، جن جو پيشاب خوشبوءِ وارو ھوندو ھو، انھيءَ ڪري انھن ٻلين کي ”مشڪ ٻليون“ سڏيندا ھئا. ٻليءَ تي گھڻيون چوڻيون ٺھيل آھن، جيئن چوندا آھن ته ”ٻلي ست ڪوئا کائي، ھلي آھي حج تي“ ۽ ”ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا“. ٻلي ڪوئن جو شڪار شوق سان ڪندي آھي. جيڪڏھن ننڍڙو پکي (جھرڪي يا ڪڪڙ جو ٻچو وغيره) وجهه ۾ آيس ته جھڙپ ھڻي کڻي ويندي. ٻليءَ جو نر ”ٻلو“ ٿيندو آھي پر پاڻ ۾ گڏ ڪين رھن. فقط ”لڳ“ جي وقت پاڻ ۾ گڏجن. ٻلي ھڪڙي ئي واري ۾ وڌ ۾ وڌ پنج ڇهه ٻچا ڏيندي آھي، جن کي ”ٻلونگڙا“ چئبو آھي. ٻلونگڙن جون اکيون بند ھونديون آھن ۽ ڇھن ستن ڏينھن کان پوءِ سندن اکيون کلنديون آھن. چوڻي آھي ته ٻلي جيستائين پنھنجن ٻچن کي ست گھر نه گھمائيندي، تيستائين ٻچا اکيون ڪين کوليندا. ليڪن ٻلي پنھنجن ٻچن کي ستن گھرن ۾ رڳو حفاظت جي خاطر گھمائيندي آھي، جو ٻلو نر ٻچن کي کائي ويندو آھي. جڏھن ٻچا چڱيءَ طرح اکيون کوليندا آھن، تڏھن ٻلي کين پاڻ سان شڪار ڪرڻ سيکاريندي آھي. پاليل ٻلي ماڻھوءَ سان ڏاڍو پيار ڪندي آھي ”کُون کُون“ ڪري وار اڀا ڪري، پنھنجي محبت جو اظھار ڪندي آھي ۽ مالڪ سان گڏ ھنڌ تي سمھي رھندي آھي .