ٻنوي سيف: سيف ٻنوي اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ صحافي آهي. سندس اصل نالو محمد رحيم آهي ۽ سيف تخلص اٿس. ٺٽي ضلعي جي ٻني، شھر جو رهاڪو هجڻ ڪري ٻنوي سڏجي ٿو. هو 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول سعيدپور مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. ڏهن سالن تائين مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد 1972ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. 1972ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جو شاگرد رهيو ۽ آنرس جا ٻہ سال ڪرڻ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. 1974ع کان 1976ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ جو مئنيجر رهيو. 1976ع ۾ روزانہ ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪا شيخ عزيز جي ادارت ۾ شايع ٿيندي هئي. ان بعد اڄ سوڌو مختلف اخبارن هلچل وغيرہ ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس سياسي وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهي ۽ هو ان پارٽي جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي پنھنجي والد جي مدد سان شاعري شروع ڪيائين ۽ ان بعد هر آچر تي پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو رهيو ۽ پنھنجي استاد ۽ نامياري شاعر ساقي سجاوليءَ کان رهنمائي وٺندو رهيو. سندس شاعري پنھنجي دور جي مقبول رسالي روح رهاڻ ۾ بہ شايع ٿي، اڄ ڪلھہ فري لانس صحافي طور ڪم ڪري ٿو. سندس ٻہ پٽ بہ صحافتي دنيا ۾ آهن. هن جا سائين جي. ايم سيد سان بہ واسطا رهيا .
1944.06.21 عيسوي
سيف ٻنوي 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
1962.00.00 عيسوي
1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو.
1976.00.00 عيسوي
1976ع ۾ روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو.