ٻَنِي: ڪڇ جي هڪ خاص ايراضي، جيڪا هڪ وڏي چراگاهه تي مشتمل آهي. هن کي ”ڏاڏي آدم جي ٻني“ به چوندا آهن. هي 40 ميلن تي مشتمل چراگاهي علائقو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي قديم ڳوٺ آباد آهن، جتي اڄ به قديم سنڌي قبيلا ۽ ذاتيون سما، سومرا، جت، ڪولهي، مينگهواڙ، ٺڪر، هاليپوٽا، متوا، ٿيٻا وغيره رهن ٿا، جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي توڙي نج سنڌي لهجي کي بچائي ويٺا آهن. ڪڇ تاريخي، جاگرافيائي، تجارتي، سماجي، ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان ماضيءَ ۾ سنڌ جو حصو رهيو آهي، ٻني نه رڳو ڪڇ جو پر ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جو اهو ٻهراڙيءَ وارو علائقو آهي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن جون سِڪون لاهي ٿو. ٻنيءَ جا رهاڪو ماضيءَ وانگر اڄ به ڪچهريون ڪن ٿا، سنڌي ساز وڄائين ٿا، مال چاريندي لوڪ ڪلام ڳائين ٿا، لوڪ گيتن ۽ نچڻ جو مزو ماڻين ٿا. ٻني- ڪڇ جون حالتون سدائين ڪشالن سان ڀرپور رهيون آهن، سوڪ، قدرتي زلزلا ۽ سامونڊي طوفان وقت به وقت نازل ٿيندا رهيا آهن، پوءِ به اهڙين اڻ ٺهڪندڙ حالتن ۾ ٻنيءَ جا سنڌي پنهنجي زبان کي زنده رکيو ويٺا آهن. 1980ع ۾ پوني جي سنڌي عالم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ٻني ۽ ڪڇ ۾ ٻوليائي اڀياس لاءِ دورو ڪيو ۽ پاڻ ڄيٺي لالواڻيءَ سان گڏجي هتان جي ٻوليءَ ۽ تهذيب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”سنڌيءَ جي زيارت“، ”لوڪ ورثو“، ”ڳيچ/ ڳيجهه“ اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ”ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت“ جي عنوان سان پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي. هتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا قلمي نسخا موجود آهن ۽ شاهه جي ڪلام جا ڪيترا حافظ رهن ٿا، جن ۾ سليمان جت جو نالو سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. نوجوان اديبن ۾ ديندار ڪلادر متوا مشهور آهي، جنهن جا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ”مَتون جا گيت“، ”موتي داڻا“ ۽ شيخ اياز جي چونڊ شعرن جو گجراتي ترجمو شامل آهن .