ٻَنِي: ڪڇ جي هڪ خاص ايراضي، جيڪا هڪ وڏي چراگاھہ تي مشتمل آهي. هن کي ”ڏاڏي آدم جي ٻني“ بہ چوندا آهن. هي 40 ميلن تي مشتمل چراگاهي علائقو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي قديم ڳوٺ آباد آهن، جتي اڄ بہ قديم سنڌي قبيلا ۽ ذاتيون سما، سومرا، جت، ڪولهي، مينگهواڙ، ٺڪر، هاليپوٽا، متوا، ٿيٻا وغيرہ رهن ٿا، جيڪي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي توڙي نج سنڌي لهجي کي بچائي ويٺا آهن. ڪڇ تاريخي، جاگرافيائي، تجارتي، سماجي، ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان ماضيءَ ۾ سنڌ جو حصو رهيو آهي، ٻني نہ رڳو ڪڇ جو پر ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جو اهو ٻھراڙيءَ وارو علائقو آهي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن جون سِڪون لاهي ٿو. ٻنيءَ جا رهاڪو ماضيءَ وانگر اڄ بہ ڪچهريون ڪن ٿا، سنڌي ساز وڄائين ٿا، مال چاريندي لوڪ ڪلام ڳائين ٿا، لوڪ گيتن ۽ نچڻ جو مزو ماڻين ٿا. ٻني- ڪڇ جون حالتون سدائين ڪشالن سان ڀرپور رهيون آهن، سوڪ، قدرتي زلزلا ۽ سامونڊي طوفان وقت بہ وقت نازل ٿيندا رهيا آهن، پوءِ بہ اهڙين اڻ ٺهڪندڙ حالتن ۾ ٻنيءَ جا سنڌي پنھنجي زبان کي زندہ رکيو ويٺا آهن. 1980ع ۾ پوني جي سنڌي عالم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ٻني ۽ ڪڇ ۾ ٻوليائي اڀياس لاءِ دورو ڪيو ۽ پاڻ ڄيٺي لالواڻيءَ سان گڏجي هتان جي ٻوليءَ ۽ تھذيب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”سنڌيءَ جي زيارت“، ”لوڪ ورثو“، ”ڳيچ/ ڳيجهہ“ اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ”ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت“ جي عنوان سان پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي. هتي حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا قلمي نسخا موجود آهن ۽ شاھہ جي ڪلام جا ڪيترا حافظ رهن ٿا، جن ۾ سليمان جت جو نالو سڀ کان وڌيڪ مشھور آهي. نوجوان اديبن ۾ ديندار ڪلادر متوا مشھور آهي، جنهن جا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ”مَتون جا گيت“، ”موتي داڻا“ ۽ شيخ اياز جي چونڊ شعرن جو گجراتي ترجمو شامل آهن .