ٻني (عمل)

ٻَني: اُٺ کي ’ھلڻ‘ سيکارڻ وقت اٺ کي پٺيءَ اگهاڙو ھلائبو آھي. فقط پڇ جي مٿان رلي يا ڳوڻ ٻڌي، ان تي اوٺي ويھي، اٺ کي ھلائيندو، انھيءَ ٽپڙ کي ’ٻني‘ چوندا آھن. بارگير وھٽ جي پٺيءَ تي ٻني مثل ڊگهو ٻٽو رکيل پِيڙھو، جيڪو ڳوڻ جي ڳوٿريءَ ۾ ڪک ۽ بُوسو ڀري ٺاھبو آھي، جنھن جي رکڻ سان وھٽ کي پٺن تي بار سبب زخم نہ ٿيندا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو